امير پير جي مزار

امير پير جي مزار: اسلامي دور جي هيءَ مزار ڳوٺ اميناڻي، شهر دادو کان اٺ ميل اوڀر- ڏکڻ ڪنڊ تي دادو ڪئنال جي وٽ سان آهي. امير پير کي ”راجل وير“ ڪري سڏيندا آھن. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ھن درگاهه تي گھڻو انگ ھندن جو ايندو ھو. درگاهه جو قبو پڪو ٺھيل آھي ۽ وقت به وقت ان جي مرمت ٿيندي رهي آھي، ان ڪري اصل آثار مٽجي ويا آھن. ھينئر هيءَ گادي اميناڻين جي سيدن وٽ آھي. روايت آھي ته سندس والد جو نالو نواب آٿڙو هو، جنھن جي مزار پڻ دادوءَ شھر جي اولهه ۾ چئن ميلن تي ٿيندي. ذات جو پنھور ڄاڻائجي ٿو.


لفظ امير پير جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو